وزير اعظم نواز شريف اوپن هارٽ سرجري کانپوءِ اڄ لنڊن مان ڏيهه پهچي رهيو

Nawaz-Sharif-12-4-16

وزير اعظم نواز شريف اوپن هارٽ سرجري کانپوءِ اڄ لنڊن مان ڏيهه پهچي رهيو آهي، نواز شريف کي ڏيهه آڻڻ لاءِ پي آءِ اي جو بوئنگ 777 جهاز مختص ڪيو ويو آهي، مريم نواز به وزيراعظم جي ڏيهه واپس اچڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

پي ايم هائوس جي ترجمان موجب، ڊاڪٽرن پاران سفر ڪرڻ جي اجازت ملڻ کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف ڏيهه ورڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پي آءِ اي ترجمان موجب، پي آءِ اي جي اڏامن ۾ سيٽس نه هئڻ سبب وزيراعظم نواز شريف ڪيمپ آفيس جي عملي لاءِ هڪ جهاز مختص ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جو بوائنگ 77 جهاز ڪالهه رات وزيراعظم نواز شريف کي وٺڻ لاءِ لنڊن روانو ٿيو هو.

وزيراعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي تصديق ڪئي ته وزيراعظم اڄ ڏيهه واپس پهچندو، قوم جي دعائن سان سندس والد جي صحت ۾ سڌارو آيو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*