جڳ مشهور سماج سڌارڪ ۽ انسان دوست شخصيت عبدالستار ايڌي88 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

Edhi-9716

جڳ مشهور سماج سڌارڪ ۽ انسان دوست شخصيت عبدالستار ايڌي88 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جنازي جي نماز اڄ نيشنل اسٽيڊيم ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ کيس ايڌي قبرستان ۾مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

سماج سڌارڪ ۽ ايڌي فائونڊيشن جو باني عبدالستار ايڌي ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد ايس آءِ يو ٽي ۾ هِي فاني جهان ڇڏي ويو، کيس ڪالهه صبح ڊائلاسز لاءِ گڙدن واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي سندس اوچتو طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن بعد کيس آءِ سي يو ۾ داخل ڪري وينٽيليٽر تي رکيو ويو.

عبدالستار اِيڌي جي پٽ فيصل ايڌي ميڊيا کي ٻڌايو ته، ايڌي صاحب جي گڙدا فيل ٿي چڪا هئا ۽ کيس شگر جو مرض به هو، ايڌي جي هر ٽن ڏينهن بعد ڊائلاسز ٿيندي هئي ۽ کيس  اَيس آءِ يِو ٽِي ۾ رکيو ويو هو.

فيصل ايڌي جو چوڻ هو ته، عبدالستار ايڌي چيو ته، سندس جسم جا جيڪي عضوا ڪنهنجي ڪم اچي سگهن ٿا ته اهي عطئي طور ڏنا وڃن.

ڪمشنر ڪراچي چيو آهي ته عبدالستار ايڌي جي جنازي نماز اڄ منجهند نيشنل اسٽيڊيم ۾ ادا ڪئي ويندي.

عبدالستار ايڌي پنهنجي انساني همدرديءَ واري طبيعت سبب 1951 ۾ ايڌي فائونڊيشن نالي عالمي فلاحي تنظيم قائم ڪئي، جنهن جي هيٺ  هن يتيم ٻارڙن، عورتن ۽ بزرگ شهرين لاءِ ڪيترائي فلاحي ادارا قائم ڪيا، لاوارث لاشن کي رکڻ لاءِ ايڌي سردخانو قائم ڪيو.

ستار ايڌي ڀارتي رياست گجرات جي بانٽوا علائقي ۾ پئدا ٿيو، سندس غريب ڪٽنب سان تعلق هو،11 سالن جي ڄمار ۾ سندس ماءُ فالج جي بيماري سبب معذور ٿي وئي ۽ هوءَ دماغي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري وئي، جنهن بعد ستار 19 سالن جي عمر ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ بعد ڪراچي هلي آيو.

ستار ايڌي 1965 ۾ بلقيس ايڌي سان شادي ڪئي، جيڪا نرسنگ جو ڪم ڪندي هئي ۽ هوءَ به انساني خدمت جي جذبي تحت  غريب عورتن جي مفت ۾ ويم ڪرائيندي هئي.

ستار ايڌي ۽ بلقيس  ايڌي پنهنجي انساني خدمت واري جذبي کي اڳتي وڌائيندي ڪيترائي فلاحي ادارا قائم ڪيا، جتي اڄ به هزارين ٻارن، عورتن ۽ پيرسن شهرين جي خدمت ڪئي وڃي ٿي ۽  اهو سلسلو ڪيتري عرصي کان جاري آهي.

ستار ايڌيءَ کي پنهنجي انساني خدمت واري جذبي جي عملي شڪل ڏيڻ واري جذبي جي مڃتا ۾ 30هن کان وڌيڪ ڏيهي توڙي پرڏيهي ايوارڊ ۽ اعزاز ڏنا ويا.

عبدالستار ايڌي جي قائم ڪيل ايڌي ايمبولينس سروس کي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ايمبولينس سروس هجڻ جو اعزاز حاصل آهي، جنهن ذريعي بيمار ماڻهن کي اسپتال پهچائڻ سميت حادثن توڙي جهيڙي ۾مارجي ويل توڙي زخمين کي اسپتال پهچايو وڃي ٿو ۽ ان جو ڪو به معاوضو نه ورتو ويندو آهي.

عبدالستار ايڌي سوڳوارن ۾ هڪ زال، ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون ڇڏيون آهن…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*