وزير اعظم نواز شريف وطن واپسي لاءِ ڪٽنب سميت ايئرپورٽ پهچي ويو

Nawaz-9716

وزير اعظم نواز شريف وطن واپسي لاءِ ڪٽنب سميت ايئرپورٽ پهچي ويو، نوازشريف چيو آهي ته عبدالستار ايڌي جي لاڏاڻي تي ڏک پهتو، اهڙيون شصخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن.

وزير اعظم نواز شريف لنڊن ۾ اوپن هارٽ سرجري کانپوءِ صحتياب ٿي ڏيهه ورڻ لاءِ ڪٽنب سميت ايئرپورٽ پهتو، جتان پي آءِ اي جي خاص اڏام ذريعي لاهور پهچندو.

وزيراعظم نواز شريف 22 مئي تي لنڊن پهتو، جتي 30 مئي تي سندس اوپن هارٽ سرجري ڪئي وئي.

ڊاڪٽرن پاران سفر جي اجازت ڏيڻ کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف لنڊن مان ڏيهه واپس ورڻ لاءِ لنڊن جي هڪ ايئرپوٽ تي پهتو آهي، جتان پي آءِ اي جي بوائنگ 777 ذريعي لاهور پهچندو.

ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزير اعظم نواز شريف صحتيابي لاءِ دعائون ڪرڻ تي قوم جا ٿورا مڃيندي چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي سلامت رکي.

نواز شريف سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته عبدالستار ايڌي جون ملڪ لاءِ وڏيون خدمتون آهن، جڏهن ته ايڌي جهڙيون شخصيتون ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿينديون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*