عبدالستار ايڌي جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ماڻهن جي نيشنل اسٽيڊيم آمد جو سلسلو جاري

 National-Karachi-9716

عبدالستار ايڌي جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ماڻهن جي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم آمد جاري آهي، ٽريفڪ پوليس پاران تيار ڪيل پلان ۾ عوام ، ميڊيا ۽ وي آءِ پيز لاءِ ڌار ڌار گيٽ مقرر ڪيا ويا آهن.

عبدالستار ايڌي جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ماڻهن جي نيشنل اسٽيڊيم آمد جو سلسلو جاري آهي، آرمي، رينجرز ۽ پوليس جو وڏو انگ نيشنل اسٽيڊيم ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مقرر آهي.

ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڊاڪٽر امير شيخ جو چوڻ آهي ته جنازي نماز ۾ ايندڙ شهري نيشنل اسٽيڊيم جي گيٽ نمبر 4، 5 ، 6 ۽ 7 کان داخل ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته وي آءِ پيز لاءِ گيٽ نمبر 8 ۽ ميڊيا جي نمائندن لاءِ گيٽ نمبر 12 مقرر ڪيو ويو آهي.

جنازي نماز ۾ ايندڙ ماڻهن کيِ ايڪسو سينٽر، اسپورٽس ڪامپليس ۽ چائنا گرائونڊ  ۾ گاڏيون پارڪ ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.

ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر نيشنل اسٽيڊيم پهچي صورتحال جو جائزو ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*