صدر ممنون حسين ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف به عبدالستار ايڌي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

raheel-Mamnoon-9716

صدر ممنون حسين ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف به عبدالستار ايڌي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار  ڪندي چيو آهي ته عبدالستار ايڌي جي لاڏاڻي سبب قوم هڪ عظيم انسان کان محروم ٿي وئي آهي، سندس خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.

صدر ممنون حسين عبدالستار ايڌي جي لاڏاڻي تي سندس گهرواري بلقيس بيگم ايڌي ۽ پٽ فصل ايڌي سان ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.

صدر ممنون چيو ته عبدالستار ايڌي جي خدمت خلق جي شعبي ۾ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي، الله کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف به عبدالستار ايڌي جي پونيئرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ قوم هڪ عظيم انسان کان محروم ٿي وئي آهي.

جنرل راحيل شريف چيو ته عبدالستار ايڌي حقيقي انساني همدردي رکندڙ شخصيت هئي، سندس لاڏاڻي سان ملڪ عظيم انسان دوست هستي کان محروم ٿي ويو آهي.

آرمي چيف چيو ته الله عبدالستار ايڌي کي جنت نصيب ڪري ۽ سندس گهروارن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*