صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر پاران سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ کاتي جي آفيسن جو اوچتو دورو عملي ۾ ٿرٿلو

صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ کاتي جي آفيسن تي ڇاپو هڻي آفيسن ۾ دير سان ايندڙ ۽ ڪم ۾ لاپرواهي ڪرڻ تي 30 آفيسرن ۽ ملازمن کي آخري وارننگ ڏني.

صحت واري وزير سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ کاتي جي مختلف آفيسن ۾ وڃي آفيسرن ۽ ملازمن بابت ڄاڻ وٺڻ سان گڏ ملازمن جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو.

صوبائي وزير آفيسن ۾ دير سان ايندڙ ۽ فائيل اڪلائڻ ۾ دير ڪرڻ تي 30 آفيسرن ۽ ملازمن کي حتمي وارننگ ڏيندي چيو ته ڪارڪردگي بهتر نه ڪرڻ تي سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

صوبائي وزير صحت کاتي جي آفيسن ۾ پان جي استعمال جو سختي سان نوٽيس وٺندي پان کائڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*