ايڌي انهن ماڻهن مان هو، جن کي وساري نٿو سگهجي:خورشيد شاهه /آغا سراج دراني

khurshid-siraj-fisal

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني، عبدالستار ايڌي جي پٽ سان تعزيت ڪندي چيو آهي ته ايڌي انهن ماڻهن مان هو، جن کي وساري نٿو سگهجي.

خورشيد شاهه ۽ آغا سراج دراني ڪراچي جي ميٺادر واري علائقي ۾ عبدالستار ايڌي جي پٽ فيصل سان تعزيت  ڪئي.

ان موقعي تي خورشيد شاهه چيو ته عبدالستار ايڌي وڏو ماڻهو هو، سرندي وارن کي سندس ڏسيل واٽ تي هلڻ گهرجي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته ايڌي انهن ماڻهن مان هو، جن کي وساري نٿو سگهجي، اڄ به ان جي عطيو ڪيل اکين سان 2 ماڻهو دنيا کي ڏسڻ جي قابل ٿيا آهن.

آغا سراج دراني چيو ته عبدالستار ايڌي کي ايندڙ نسل به ياد ڪندا، هن انسانيت جي خدمت ڪئي، قوم کي ان جي قربانين مان سبق سکڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*