وزير اعظم نواز شريف اوپن هارٽ سرجري تي سرڪاري خزاني مان هڪ رپيو به خرچ ناهي ڪيو: پرويز رشيد

parviz-ashraf13-8

سُـــــڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف اوپن هارٽ سرجري تي سرڪاري خزاني مان هڪ رپيو به خرچ ناهي ڪيو، مخالف اجائي واويلا ڪري رهيا آهن.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته مخالف ڌر جا ميمبر دعويٰ ڪري رهيا آهن ته وزير اعظم نواز شريف جي لنڊن مان ڏيهه واپسي تي پي آءِ اي جي هڪ اڏام تي 40 ڪروڙ رپيا خرچ آيا، جيڪا حقيقت جي ابتڙ ڳالهه آهي.

هن چيو ته وزير اعظم نواز شريف جو لنڊن ۾ سرڪار نه پر سندس اولاد جي خرچ تي علاج ڪرايو ويو، حڪومت قومي ناڻي مان هڪ رپيو به خرچ ناهي ڪيو.

هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز  رشيد چيو ته پاناماليڪس تي حڪومتي ميمبر سنجيده آهن، اپوزيشن جي موقف ۾ تضاد هئڻ سبب معاملا دير جو شڪار ٿي رهيا آهن.

پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته پاناماليڪس تي پارلياماني ڪميتي ۾ پيدا ٿيل ڊيڊ لاڪ ختم ڪرائڻ لاءِ اجلاس گهرايو ويو آهي، جنهن ۾ گڏيل طور فيصلو ڪري رپورٽ تيار ڪئي ويندي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*