سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي جي ٽيجهي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ زندگي جي مختلف طبقن سان واسطو رکندڙ ماڻهن شرڪت

fasil-edhi-

سماج سڌارڪ عبدالستار ايڌي جي ٽيجهي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ زندگي جي مختلف طبقن سان واسطو رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي آهي، گهرو وزير جي هدايتن تي ميمڻ مسجد ٻاهران سيڪيورٽي انتظام سخت ڪندي ڪمانڊوز ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

عبدالستار ايڌي جو ٽيجهو ميمڻ مسجد ۾ ٿيو  آهي، جنهن ۾ پ پ، ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ ۽ پاڪ سرزمين پارٽي جي اڳواڻن سميت زندگي جي مختلف طبقن سان واسطو رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي آهي.

ٽيجهي دوران دوران قرآن خواني بعد ايڌي  جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ خاص دعائون گهريون ويون، جڏهن ته ميٺا در واري علائقي ۾ ايڌي جي گهر ۾ عورتن لاءِ ٽيجهي جي تقريب ٿي جنهن ۾ اڳوڻي ايس ايس پي چوڌري اسلم جي گهرواري پروين اسلم ۽ ٻين عورتن شرڪت ڪئي آهي.

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي هدايتن تي ميمڻ مسجد ٻاهران  سيڪيورٽي انتظام سخت ڪندي ڪمانڊوز ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ميمڻ مسجد ٻاهران واڪ ٿرو گيٽس لڳايا ويا آهن.

عبدالستار ايڌي جي ٽيجهي سبب بولٽن مارڪيٽ کان ٽاور تائين روڊ کي عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو.

عبدالستار ايڌي لاءِ ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ مسيحي برادري پاران سينٽرل بروڪس ميموريل چرچ ۾ دعائيه تقريب منعقد ڪئي  وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*