ايڌي انسانيت جي بنياد تي بنا فرق جي خدمت ڪئي، سندس مشن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي:فاروق ستار

farooq-satar

پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ، پاڪ سرزمين پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن عبدالستار ايڌي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ايڌي انسانيت جي بنياد تي بنا فرق جي خدمت ڪئي، سندس مشن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، عبدالستار ايڌي جي پٽ فيصل ايڌي ڏک ونڊيندڙن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته سندس والد جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.

عبدالستار ايڌي ٽيجهي  ۾ شرڪت دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته عبدالستار ايڌي سادگي سان زندگي گذاري امر ٿي ويو ،  امير ۽ غريب جو فرق ختم ڪرڻ وارو سندس مشن اڳتي وڌائڻو پوندو.

فاروق ستار چيو ته عبدالستار ايڌي پاڪستان جي سڃاڻپ هو، هو شخصيت نه پر ادارو هو.

پي ٽي آءِ جي عارف علوي چيو ته نوجوانن کي ايڌي مان سکڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته پ پ سينيٽر سعيد غني جو چوڻ هو ته ايڌي کي جيڪو مقام مليو اهو گهٽ ماڻهن کي ملندو آهي.

سعيد غني چيو ته ايڌي انسانيت جي بنياد تي بنا فرق جي خدمت ڪئي،  پاڪ سرزمين پارٽي جي وسيم آفتاب چيو ته پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ ايڌي جو مشن هو.

فيصل ايڌي ڏک ونڊيندڙن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته سندس والد جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون ۽ الله کيس توفيق ڏئي ته جيئن هو  پنهنجي والد جو مشن جاري رکي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*