هالا پراڻا ويجهو 2 نوجوان سنڌو درياهه ۾ ڪري ٻڏي ويا

hala-chid-death

هالا پراڻا ويجهو 2 نوجوان سنڌو درياهه ۾ ڪري ٻڏي ويا آهن، جن جي حيدرآباد مان گهرايل ٽوٻن پاران ڳولا ڪئي پئي وڃي.

هالا پراڻا ڀرسان نوجوان عادل ميمڻ ۽آفاق پنهور پير ترڪڻ سبب سنڌو درياهه ۾ ڪري ٻڏي ويا آهن.

واقعي بعد پوليس سميت علائقي واسين جو وڏو انگ پهچي ويو، جڏهن ته ضلعي انتظاميه پاران حيدرآباد مان گهرايل ٽوٻن پاران ڳولا ڪئي پئي وڃي.

اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ٻئي نوجوان گهمڻ لاءِ درياهه تي آيا هئا ته هڪ جو پير ترڪي پيو جنهن پاڻ کي بچائڻ لاءِ ٻئي نوجوان کي پڪڙيو، جنهن بعد ٻئي ڄڻا درياهه ۾ ڪري ٻڏي ويا……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*