والاريل ڪشمير ۾ ڪمانڊر برهان واني جي مارجڻ کانپوءِ شروع ٿيل احتجاج جي سلسلي دوران پوليس سان چڪرين ۾ مارجي ويلن جو انگ 20 ٿي ويو

kashmir-

والاريل ڪشمير ۾ ڪمانڊر برهان واني جي مارجڻ کانپوءِ شروع ٿيل احتجاج جي سلسلي دوران پوليس سان چڪرين ۾ مارجي ويلن جو انگ 20 ٿي ويو آهي، واقعن خلاف سرينگر سميت مختلف شهرن ۾ شٽر ڊائون هڙتال آهي.

والاريل ڪشمير ۾ احتجاج جو سلسلو جمعي کان ان وقت شروع ٿيو، جڏهن ڪوڪر ناگ جي علائقي ۾ حزب المجاهدين جو ڪمانڊر برهان واني ڀارتي فورسز سان ويڙهه دوران مارجي ويو هو، جيتوڻيڪ والاريل ڪشمير ۾ حالتن کي قابو ۾ رکڻ لاءِ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو هو پر هزارين ماڻهن ڪرفيو جي پرواهه نه ڪندي برهان واني جو مڙهه سندس اباڻي علائقي ترال ۾ منتقل ڪيو، جنهن دوران احتجاج به ڪيو ويو ۽ فورسز پاران روڪڻ جي ڪوشش دوران احتجاج پرتشدد بڻجي ويو.

جمعي ڏينهن احتجاج دوران ڀارتي فورسز ۽ پوليس جي فائرنگ ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، جيڪي اسپتال ۾ فوت ٿي ويا، جنهن بعد احتجاج اڃا به زور پڪڙيو، ڇنڇر ڏهاڙي احتجاج دوران چڪرين ۾ وڌيڪ 8 مظاهرين مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.

والاريل ڪشمير جي ڳجهي پوليس جي سربراهه موجب مظاهرين جي پٿراءُ ۾ سئو جي لڳ ڀڳ اهلڪار زخمي ٿيا آهن.

سرينگر، ڪولگام، اننت ناگ، شوپيان، پلوامه، سوپور، بانڊي پوره ۽ ٻين علائقن ۾ ناڪابندي آهي، انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس معطل ڪرڻ سان گڏ يونيورسٽين ۽ ڪاليجز جا امتحان به ملتوي ڪيا ويا آهن.

والاريل ڪشمير ۾ احتجاج جو سلسلو آچر تي به جار ي آهي، جنهن دوران وڌيڪ 6 مظاهرين ڀارتي فورسز جي فائرنگ جو نشانو بڻيا آهن.

حريت ڪانفرنس جي اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق چيو آهي ته ڀارت ڪشمير تي اڻ اعلانيل جنگ مڙهي ڇڏي آهي، پر ڪشميري خود اراديت واري حق تان هٿ نه کڻندا.

پاڪستان جي پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڪشميري قيادت کي ڀارت پاران نظربند ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ انساني حقن جي پابندي ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*