وزيراعظم نواز شريف صدر ممنون حسين کي 5 دهشتگردن جون رحم واريون اپيلون رد ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو

وزيراعظم نواز شريف، صدر ممنون حسين ڏانهن خط لکيو آهي، جنهن ۾ 5 دهشتگردن جون رحم واريون اپيلون رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

 وزيراعظم نواز شريف پاران صدر ممنون حسين ڏانهن  لکيل خط ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته جيڪي دهشتگرد سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن  ۽ انهن کي سزا ملي چڪي آهي، تن جون رحم واريون اپيلون رد ڪيون وڃن.

وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب، خط ۾ دهشتگردن اڪرم الحق عرف لاهوري، محمد طيب عرف ساجد، شبير عرف ڊاڪٽر، احمد عرف شيش نانگ ۽ ذوالفقار جون رحم واريون اپيلون رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث 5 دهشتگردن، صدر ممنون حسين ڏانهن رحم جون اپيلون موڪليون هيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*