ڀريا روڊ ويجهو نصرت ڪئنال کي لڳل گهارو 100 فوٽ کان وڌي ويو

Nusrat-Kinal-11716

ڀريا روڊ ويجهو نصرت ڪئنال کي لڳل گهارو 100 فوٽ کان وڌي ويو ، جنهن سبب 12 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ڪيترائي فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، اطلاع باوجود آپباشي عملو گهاري واري هنڌ نه پهتو آهي، جڏهن ته پاڻي سبب وڏي نقصان جو خدشو ٻڌايو پيو وڃي.

نصرت ڪئنال کي آر ڊي 83 وٽان 100 فوٽن کان وڌيڪ گهارو پئجي ويو ، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ علي محمد ڏهر، ڳوٺ سچل ڏهر، ڳوٺ دين محمد آريجو، ڳوٺ عمر آريجو، ڳوٺ اسمائيل پنجابي، سميت 12 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا.

گهاري سبب ڪمند، ڪيلن ۽ وونئڻن  جا فصل  پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا ۽ ساريالي ٻيجاري کي  پڻ نقصان پهتو.

اطلاع باوجود آبپاشي عملدار گهاري واري هنڌ نه پهتا، جڏهن ته ڳوٺن ۾ پاڻي اچڻ سبب رهواسي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*