سنڌو درياهه ۾ پاڻي جا وهڪرا وڌڻ سبب درياهه ۾ چاڙهه ٿيڻ لڳي، گڊو بئراج ۽ سکر بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ واري صورتحال برقرار

Sukkur-Guddu

سنڌو درياهه ۾ پاڻي جا وهڪرا وڌڻ سبب درياهه ۾ چاڙهه ٿيڻ لڳي، گڊو بئراج ۽ سکر بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي.

گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿيون وهڪرو  325846 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته هيٺيون وهڪرو 297928 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو.

سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿيون وهڪرو 223620 ڪيوسڪ ۽ هيٺيون وهڪرو 168030 ڪيوسو رڪارڊ ڪيو ويو.

ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿيون وهڪرو 60923 ۽ هيٺيون وهڪرو 23267 ڪيوسڪ رڪارڊ  ڪيو ويو.

گڊو بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ هڪ هفتي کان برقرار آهي، جڏهن ته سکر بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ کي اڄ ٻيون ڏينهن آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*