اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، بليو ايريا فائرنگ ڪيس ۾ جوابدار سڪندر ۽ سندس گهرواري خلاف فيصلو چوٿون ڀيرو ملتوي ڪري ڇڏيو

court-logo

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، بليو ايريا فائرنگ ڪيس ۾ جوابدار سڪندر ۽ سندس گهرواري خلاف فيصلو چوٿون ڀيرو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ڪوثر عباس زيدي بليو ايريا فائرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت، فائرنگ ڪيس ۾ جوابدار سڪندر ۽ سندس گهرواري خلاف فيصلو چوٿون ڀيرو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي فيصلو 22 جولاءِ تي ٻڌايو ويندو.

عدالت، وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو پر گذريل ٽن ٻڌڻين کان فيصلو ملتوي ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد جي بليو ايري واري علائقي ۾ جوابدار سڪندر فائرنگ ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين يرغمال بڻايو هو…………………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*