هن وقت ملڪ کي قومي اتحاد جي ضرورت آهي عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته آرمي ايڪٽ کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي ته فوجي عدالتن لاءِ آئين ۾ ترميم جي ضرورت نه پوندي، ن ليگ عام چونڊن ۾ ڌانڌلين جي جاچ لاءِ بيوس ڪميشن ٺاهڻ چاهي ٿي، حڪومت پاران سهڪار نه ڪرڻ تي افسوس آهي.

اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ روانگي کان اڳ بني گالا واري رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پشاور سانحي سڀني کي متحده ڪري ڇڏيو آهي، قوم به اسان متحده ڏسڻ چاهي ٿي.

عمران خان چيو ته هـِن وقت ملڪ کي قومي اتحاد جي ضرورت آهي، تنهن ڪري هـُو آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو آهي.

فوجي عدالتن بابت سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته  پي ٽي آءِ آئين جي اندر رهڻ چاهي ٿي، آرمي ايڪٽ کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي ته آئين ۾ ترميم جي ضرورت نه پوندي.

جوڊيشل ڪميشن بابت سوال جي جواب ۾ پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ڪميشن قائم ڪرڻ ۾ ڪافي دير ٿي وئي آهي، افسوس آهي ته جيترو سهڪار اسان نه ليگ سان ڪيو، اوترو پي ٽي آءِ سان ناهي ڪيو ويو.

عمران خان چيو ته 2013 جي چونڊن جي آڊٽ تائين ملڪ ۾ حقيقت جمهوريت نه ايندي، جوڊيشل ڪميشن قائم ٿي ويو ته سڀ اڇا ڪارا واضح ٿي ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*