قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه اڄ اسلام آباد ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري مشاورت ڪندو

Khursheed-Shah-11716

ٽي او آرز بابت پارلياماني ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪجي يا نه؟ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه اڄ اسلام آباد ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن سان ملاقات ڪري مشاورت ڪندو، خورشيد شاهه جي اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري واري معاملي تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار سان به ملاقات جو امڪان آهي.

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه اڄ شام اسلام آباد پهچي رهيو آهي، مخالف ڌر جي ميمبرز سان رابطو ڪندو.

خورشيد شاهه جي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي سميت ٻين اپوزيشن جماعتن جي اڳواڻن سان ملاقات رٿيل آهي.

شاهه محمود قريشي، اڄ شام خورشيد شاهه سان ملاقات جي تصديق ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري واري معاملي تي مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي، نالا اڄ خورشيد شاهه حوالي ڪيا ويندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته  ملاقات دوران پاناماليڪس تي ٽي او آر بابت پارلياماني ڪميٽي ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار به اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه سان ملاقات ڪري اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز ۽ ٽي او آر بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو.

پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي صوبائي ميمبرز جا نالا تجويز ڪيا ويندا، جڏهن ته پاناما ليڪس تي پيدا ٿيل ڊيڊ لاڪ ختم ڪرائڻ لاءِ به ڪوششون ڪيون وينديون…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*