وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس جاري اڳوڻو صدر آصف زرداري به موجود

دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قومي ايڪشن پلان تي حتمي مشاورت لاءِ ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت جي  اهم گڏجاڻي جاري آهي.

وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ جاري آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، جماعت اسلامي جو امير سراج الحق، محمود خان اچڪزئي، غلام احمد بلور، آفتاب شيرپائو، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ سمورين پارٽين جا ٻيا اڳواڻ به شريڪ آهن.

 آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عاصمه باوجوه به شريڪ آهن.

آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ جڙيل ايڪشن پلان تي حتمي مشاورت ۽ خاص عدالتن جي قيام جي حوالي سان بحث ڪيو پيو وڃي.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف دهشتگردي خلاف جاري آپريشنز سميت ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال تي اي پي سي کي آگاهه ڪيو، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني.

اٽارني جنرل طرفان خصوصي عدالتن جي قيام جي حوالي سان قانون رخن بابت بريفنگ ڏني وئي.

سياسي جماعتن جي سربراهن ۽ اڳواڻن خصوصي عدالتن جي قيام سميت قومي ايڪشن پلان جي حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون، جن تي بحث ۽ مشاورت جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*