ڪراچي جي سنڌي مسلم سوسائٽي واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ نوجوان جي مارجڻ وارو معاملو ڊرامائي رخ اختيار ڪري ويو

Sindh-Muslim-11716

ڪراچي جي سنڌي مسلم سوسائٽي واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ نوجوان جي مارجڻ وارو معاملو ڊرامائي رخ اختيار ڪري ويو آهي، ايس ايس پي اوڀر فيصل چاچڙ جو چوڻ آهي ته جعلي نمبر پليٽ واري پوليس گاڏي ۾ سوار ۽ پاڻ کي سي ٽي ڊي اهلڪار سڏرائيندڙ ٻڌايو ته مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي ماريو ۽ ٻئي کي زخمي ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ اهي اهلڪار گاڏي سميت غائب ٿي ويا، صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ڊي آءِ جي اوڀر کي معاملي جي جاچ ڪري کيس رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

فيروز آباد ٿاڻي جي حد سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ ڪياماڙي واسي هڪ نوجوان ابرار مارجي ويو ۽ سندس دوست دلنواز زخمي ٿي پيو.

مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.  ايس ايس پي اوڀر فيصل چاچڙ جو چوڻ آهي ته بنا نمبر پليٽ ۽ سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن ٻڌايو ته هو سي ٽي ڊي جا اهلڪار آهن ۽ هنن مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي ماريو ۽ ٻئي کي زخمي ڪيو آهي.

ايس ايس پي موجب سي ٽي ڊي جا اهلڪار سڏرائيندڙ ڪجهه وقت کانپوءِ غائب ٿي ويا، جڏهن ته زخمي ٿيل نوجوان دلنواز جي گاڏي به جعلي نمبر پليٽ واري آهي.

مارجي ويل ۽ زخمي ٿيل نوجوان جي دوستن شهريار ۽ نقاش پوليس وٽ بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته مارجي ويل ابرار ۽ دلنواز ۾ موبائل فون جي ڏيتي ليتي تان ڇڪتاڻ پيدا ٿي.

هنن ٻڌايو ته دلنواز ابرار کان موبائل فون خريد ڪرڻ لاءِ کيس صدر ۾ ايٽريم مال جي سامهون گهرايو، جتي موبائل فون وٺڻ کانپوءِ دلنواز 30 هزار رپيا ڪيش ڏيڻ بدران 15 هزار رپيا ڪيش ۽ 15 هزار رپين جا پرائز بانڊ ڏنا، جنهن تي ابرار پرائز بانڊ وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو ته مون کي پرائز بانڊ نه پر ڪيش گهرجي.

موبائل فون جي ڏيتي ليتي تان دلنواز ۽ ابرار ۾ ڏندچڪ ٿي، جنهن کانپوءِ دلنواز ڪار ۾ سوار ٿي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ابرار سندس گاڏي پٺيان لڙڪي پيو، دلنواز ابرار کي هيٺ ڪيرائڻ لاءِ بار بار گاڏي ٽڪرائيندو رهيو.

صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ڊي آءِ جي اوڀر کي معاملي جي جاچ ڪري کيس رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*