ڀان سيد آباد ويجهو انڊس هاءِ وي تي مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي

bhan-hadso

ڀان سيد آباد ويجهو انڊس هاءِ وي تي مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب هڪ عورت فوت ٿي وئي، عورتن سميت 15 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا آهن.

ڀلائي موڙ وٽ انڊس هاءِ وي تي مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ميهڙ واسڻ مسمات فريده ڪنڀر فوت ٿي وئي،  جڏهن ته فدا حسين، شمشاد، نظيران، غلام حسين، اظهر علي، ساجده، ثمرين، غلام مصطفيٰ، ذوالفقار سميت 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي عورت ۽ زخمين کي سيوهڻ جي اسپتال منتقل ڪيو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*