آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ سندس پٽ علي حيدر جي ملاقات

army cheif

آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ سندس پٽ علي حيدر جي ملاقات ڪئي آهي، علي حيدر گيلاني چيو آهي ته آرمي چيف کان طالبان ڊنل آهن.

ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيٽننٽ جنرل عاصم سليم باوجوه پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، راولپنڊي جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ سندس پٽ علي حيدر گيلاني ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب، يوسف رضا گيلاني علي حيدر گيلاني جي بازيابي تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جا ٿورا مڃيا.

ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي حيدر گيلاني چيو ته هُن آرمي چيف کي ٻڌايو ته سندس شخصيت کان طالبان ڊنل آهن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*