والاريل ڪشمير ۾ آزادي واري تحريڪ ڀارتي فوج جي ڪاررواين ۾ شهيد ڪشميرين جو انگ وڌي 23 ٿي ويو

kashmir-protest

والاريل ڪشمير ۾ آزادي واري تحريڪ جي نوجوان ڪمانڊر برهان مظفر واني جي شهادت بعد شروع ٿيل احتجاجي لهر کي دٻائڻ لاءِ ڀارتي فوج جي ڪاررواين ۾ شهيد ڪشميرين جو انگ وڌي 23 ٿي ويو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري موبائيل فون سروس معطل ڪئي وئي آهي.

جمعي ڏهاڙي 8 جولاءِ تي والاريل ڪشمير ۾ شروع ٿيل احتجاجي مظاهرا اڃا به جاري آهن، قابض ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل 2 نوجوان فوت ٿيڻ بعد شهيدن جو انگ وڌي 23 ٿي ويو آهي.

قابض حڪومت ڪشميرين جي آواز کي دٻائڻ لاءِ وادي ۾ وڌيڪ فورسز مقرر ڪري ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروسز به بند ڪئي وئي آهي.

انساني حقن بابت تنظيمن جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ زخمين کي نظر ۾ رکندي موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ سان ڪشمير ۾ ايمرجنسي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

ڀارتي فوج پاران جمون ڪشمير لبريشن فرنٽ جي اڳواڻ ياسين ملڪ کي سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو آهي، جڏهن ته حريت اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق، شبير شاهه ۽ سيد علي گيلاني سميت ڪيترن ئي اڳواڻن کي نظر بند ڪيو ويو آهي.

حريت اڳواڻن پاران ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي خلاف اڄ ترال تائين احتجاج مارچ جو سڏ ڏنو ويو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*