برسات ۾ سياسي ڏيڏر نڪري ايندا آهن، جلد ئي شاخن ۾ لڙهي ويندا، چور ۽ ڦورو وزيراعظم جي احتساب جي ڳالهه ڪري رهيا آهن:عابد شير علي

Abid-Shair-Ali-30416

پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته برسات ۾ سياسي ڏيڏر نڪري ايندا آهن، جلد ئي شاخن ۾ لڙهي ويندا، چور ۽ ڦورو وزيراعظم جي احتساب جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.

سرگوڌا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير عابد شير علي چيو ته چور ۽ ڦورو وزيراعظم نواز شريف جي احتساب جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جن کي ناڪامي کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.

هن چيو ته هو چاهين ٿا ته احتساب سڀني جو ٿيڻ گهرجي، پر ٽي او آرز رڳو وزيراعظم خلاف نه هئڻ گهرجن، جڏهن ته الزام ثابت ٿيڻ تي کين چوڪ تي ابتو ٽنگيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته ڌرڻن جي سياست ملڪي معيشت کي وڏو نقصان پهچايو، هـــُـو اوسيئڙي ۾ آهن ته مخالف ٻيهر ڪڏهن ڪنٽينر تي گڏ ٿين ٿا.

هڪ سوال جي جواب ۾ عابد شير چيو ته برسات دوران سياسي ڏيڏر ٻاهر نڪرندا آهن، جيڪي جلد وهڪرن ۾ وهي ويندا.

عابد شير علي وڌيڪ چيو ته حڪومت تي ڪرپشن جا الزام بي بنياد آهن، هو دعويٰ سان چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن مٿن الزام ثابت ٿين ته کين ابتو ٽنگيو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*