پاڪستان پيپلز پارٽي سينيٽ ۽ تحريڪ انصاف پنجاب اسيمبلي ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم خلاف مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيا

kashmir-protest-11-07-16

پاڪستان پيپلز پارٽي سينيٽ ۽ تحريڪ انصاف پنجاب اسيمبلي ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم خلاف مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيا، ٺهرائن جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت هٿين خالي ڪشميرين تي گوليون هلائي رهي آهي، تشدد ذريعي ڪشميرين کي خود اراديت واري مطالبي تان پوئتي نٿو هٽائي سگهجي.

پيپلز پارٽي جي سينيٽر سسئي پليجو سينيٽ جي سيڪريٽريٽ ۾ ڪشميرن تي ظلم خلاف مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرايو.

ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڪشميرن تي ظلم کانپوءِ ڀارت جي جمهوريت واري دعويٰ ڌوڙ ٿي وئي آهي، گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل نه ٿيڻ عالمي برادري جي ناڪامي آهي.

تحريڪ انصاف سان واسطو رکندڙ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ميان محمود الرشيد پنجاب سيڪريٽريٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو.

ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو ته پنجاب اسيمبلي ڀارتي ظلم جي مذمت ڪري ٿي، وفاقي حڪومت ڀارتي فوج جي ظلم جو نوٽيس وٺي.

ٺهراءُ موجب، بندوق جي زور تي ڪشميري عوام کي خود اراديت واري مطالبي تان نٿو هٽائي سگهجي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*