ايڌي جو نالو هميشه زنده رهندو ۽ فيصل ايڌي کي والد جي دڳ تي هلي نالو روشن ڪرڻ گهرجي

mola-bux-chandio

سڌ سماءِ بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مولابخش چانڊيو عبدالستار ايڌي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف جي رٽائرمينٽ واري اعلان جي سڀ کان اڳ پ پ آجيان ڪئي ۽ آرمي چيف پنهنجي منصب کي نظر ۾ رکندي رٽائرڊ مينٽ بابت فيصلو ڪري.

مولابخش چانڊيو عبدالستار ايڌي جي پٽ  فيصل ايڌي سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايڌي جو نالو هميشه زنده رهندو ۽ فيصل ايڌي کي والد جي دڳ تي هلي نالو روشن ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته سنڌ جو عوام اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب ڀوڳي رهيو آهي ۽ عابد شير علي جون ڳالهيون لوڊشيڊنگ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهن.

مولابخش چانڊيو عابد شير علي کي زبان تي ڪنٽرول ڪرڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته خواجه آصف نالي ماتر بجلي واري کاتي جو وزير آهي، اصل اختيار عابد شير علي وٽ آهن.

صوبائي صلاحڪار چيو ته جنرل راحيل شريف جي صلاحيتن کي تسليم ڪريون ٿا، سندس رٽائرمينٽ ۾ اڃا وقت پيو آهي ۽ ان پاران رٽائر مينٽ بابت ڪيل  واري اعلان جي سڀ کان اڳ ۾ پ پ آجيان ڪئي هئي.

مولابخش چانڊيو چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آرمي چيف جو اهم ڪردار آهي ۽  آرمي چيف پنهنجي منصب کي نظر ۾ رکندي رٽائرڊ مينٽ بابت فيصلو ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*