پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي دماغ جي ٽي بي جي بيماري ۾ مبتلا لاڙڪاڻي واسڻ نوجوان ناري کي علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو

larkana-asma-khawar

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي دماغ جي ٽي بي جي بيماري ۾ مبتلا  لاڙڪاڻي واسڻ نوجوان ناري کي علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.

لاڙڪاڻي جي نيو بس اسٽينڊ جي رهواسڻ دماغ جي ٽي بي جي بيماري ۾ مبتلا ناري اسماءُ کهاوڙ جي علاج لاءِ پي پي ۽ ضلع انتظاميا جي ٽيم سندس گهر پهچي عيادت ڪئي.

ايم اين اي فريال ٽالپر جي ميڊيا ڪو آرڊينيٽر آغا تنوير، غلام مصطفيٰ لغاري، اعجاز لغاري ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلاول جي هدايت تي ناري کي علاج لاءِ ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.

واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪي ٽي اين نيوز تي ناري جي بيماري جي خبر هلڻ کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس وٺي ناري جو علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*