حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ٽي او آرز واري معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار

aposition-leader

حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ٽي او آرز واري معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهن، خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن جي صوبائي ميمبرز جي مقرري لاءِ سنجيدگي  جو مظاهرو نه پئي ڪري، سڀ کان پهريان وزيراعظم جو احتساب ٿيڻ گهرجي، شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جا ميمبرز غير جانبدار هئڻ گهرجن.

اسلام آباد ۾ خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ اپوزيشن جماعتن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اعتزاز احسن، پي ٽي آءِ جي شاهه محمود قريشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ٽي او آر ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ سميت اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري وارن معاملن تي ويچاريو ويو.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن جي صوبائي ميمبرز جي مقرري لاءِ سنجيدگي  جو مظاهرو نه پئي ڪري، سڀ کان پهريان وزيراعظم جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت پاناماليڪس معاملي تان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڇو ڪري رهي آهي، وزير اعظم پاڻ کي قوم آڏو ڪليئر ڪري.

تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته اليڪشن ڪميشن جا ميمبرز غير جانبدار هئڻ گهرجن.

سندس چوڻ هو ته حڪومت پاناماليڪس اسڪينڊل کي دٻائڻ لاءِ مختلف هربا استعمال ڪري رهي آهي، اپوزيشن جماعتن کي ڌڙن ۾ تقسيم ڪرڻ جي سازش بند ٿيڻ گهرجي.

ان کان اڳ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران اعتزاز احسن به شريڪ هو.

ملاقات ۾ ٽي او آر ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا.

خورشيد شاهه چيو ته ڀارت ڪشميري عوام مٿان ظلم ڪري رهيو آهي، حڪومت جهڙي ريت نريندر مودي سان لاڳاپا وڌائي رهي آهي، اهي سڀني آڏو آهن.

هن چيو ته ڪشميري عوام پنهنجي آزادي لاءِ جنگ ۾رڌل آهي، تشدد ذريعي کين پٺتي نٿو هٽائي سگهجي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*