وڏي وزير قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ برسات ۽ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال بابت اجلاس جاري

qaim

وڏي وزير قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ برسات ۽ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال بابت اجلاس  جاري آهي، جنهن ۾ ڪراچي ۾ نالن جي صفائي، بندن جي مضبوطي ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي.

وزير اعليٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير جي صدارت هيٺ جاري اجلاس ۾ تعليم وارو وزير نثار کهڙو، مڪاني ادارن وارو وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري ، صحت، آبپاشي، مڪاني ادارن ۽ بحالي وارن کاتن جي سيڪريٽريٽريز سميت ٻيا عملدار شريڪ آهن.

اجلاس ۾ مختلف کاتن جي عملدارن پاران برسات ۽ امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ورتل اپائن بابت بريفنگ ڏني پئي وڃي.

اجلاس ۾ ڪراچي ۾ نالن جي صفائي، بندن جي مضبوطي ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*