شهيد بينظير آباد ۾ سنڌو درياهه جي پاڻي جي چاڙهه سبب ايس ايم بند کاڌ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو

nawabshah-SM-band

شهيد بينظير آباد ۾ سنڌو درياهه جي پاڻي جي چاڙهه سبب ايس ايم بند کاڌ ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي، ڊي سي شهيد بينظير آباد بندن جو دورو ڪري انتظاميا فوري اپاءُ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظير آباد گهنور علي لغاري آبپاشي عملي سان گڏ حساس هنڌن جو دورو ڪيو، ڊي سي آبپاشي عملي کي هدايت ڪئي ته مڏ بنگلي وٽان ڇنڊڻ جي پل جو ڪم فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي.

هن انتظاميا کي هدايت ڪئي ته قاضي احمد آمري پل جي دورازن جي اڳيان واري جي دڙن کي هٽائي پاڻي جو لنگهه ٺاهيو وڃي.

ڊپٽي ڪمشنر بندن جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي شهيد بينظير آباد مان سڳيون مٽياري بند جو 53 ميل گذر ٿئي ٿو ۽ 6 پوائٽون حساس آهن، جتي ڪم جاري آهي، خطري جي ڪابه ڳالهه نه آهي.

هن جو چوڻ هو ته تعلقي قاضي احمد ۽ تعلقي سڪرنڊ جي ڪچي ۾ هڪ سو کان وڌيڪ ڳوٺن، 10 ديهون آهن ۽ اٽڪل 77 هزار کان وڌيڪ آبادي رهي ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته رروينيو کاتي ڳوٺاڻن ۽ چوپائي مال کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي آهي ۽ هر هڪ پتڻ تي ٻيڙيون بيهارڻ جو بندوبست ڪيو آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*