سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل 50کان وڌيڪ ماڻهن جي بازيابي وارين درخواستن تي ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين عملدارن کان 15 آگسٽ تائين تفصيلي جواب طلب

sindh highi court

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل 50کان وڌيڪ ماڻهن جي بازيابي وارين درخواستن تي ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين عملدارن کان 15 آگسٽ تائين تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ  ڪراچي جي مختلف علائقن مان گم ٿيل امير، نويد احمد، عمران جهانگير ۽ ٻين جي مائٽن جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

گم ٿيل ظهير خان جي گهر واري عدالت کي ٻڌايو ته سندس مڙس گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ فرد آهي، ان جي گمشدگي سبب هو پريشاني واري زندگي گذاري رهيا آهن، سندس مرس کي بازياب ڪرايو وڃي يا کيس معاوضو ڏياريو وڃي.

عدالت ظهير جي گهر واري کي معاوضي لاءِ گهرو سيڪريٽري سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪندي گم ٿيل ماڻهن  بابت  ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين عملدارن کان 15 آگسٽ تائين تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*