سپريم ڪورٽ، اعليٰ عدليا ۾ ججز جي مقرري ۽ نامزدگي بابت ڪيس ۾ اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو

superemcourt12-8

سپريم ڪورٽ، اعليٰ عدليا ۾ ججز جي مقرري ۽ نامزدگي بابت ڪيس ۾ اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اعليٰ عدليا۾ججز جي مقرري ۽ نامزدگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ سميت ٻين عدالتن ۾ رٽائر ججز جا پٽ مقرر ٿيل آهن.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته اعليٰ عدليا ۾ ججز جي مقرري فيڊرل پبلڪ ڪميشن ذريعي ڪرڻ بدران سفارش تي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن.

عدالت رماڪس ڏنا ته درخواستگذار اعليٰ عدليا ۾ ججز جي مقرري بابت اهم نقطا اٿاريا آهن، معاملي کي سنجيدگي سان ڏسڻو پوندو.

سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*