پاڪستان جي دوري تي پهتل ابوظهبي گروپ جي چيئرمين وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري کيس دل جي ڪامياب آپريشن تي واڌايون ڏنيون

Nawaz-9716

پاڪستان جي دوري تي پهتل ابوظهبي گروپ جي چيئرمين وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري کيس  دل جي ڪامياب آپريشن تي واڌايون ڏنيون آهن، وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابين مان مطئمن آهيان.

ابوظهبي گروپ جي چيئرمين شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان وفد سان گڏ جاتي امرا ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

ملاقات دوران ابوظهبي گروپ جي چيئرمين وزيراعظم نواز شريف کي دل جي ڪامياب آپريشن تي مبارڪ ڏني ۽ پاڪستان جي معاشي صورتحال جي پڻ واکاڻ ڪئي.

ابوظهبي گروپ جي چيئرمين چيو ته حڪومتي ڪوششن سان پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي آهي ۽ پاڪستان سيڙپڪارن لاءِ اڀرندڙ ملڪ آهي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ملڪ ۾ آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو ويو، آپريشن جي هيل تائين مليل ڪاميابين مان هو مطمئن آهن.

هن چيو ته سمورين ڌرين جي مشاورت سان ڪراچي ۾ آپريشن شروع ڪري امن بحال ڪرايو ويو،  شهر جي صورتحال ماضي جي ڀيٽ کان وڌيڪ بهتر آهي.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته ملڪ ۾ صنعتن کي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي، 2018تائين ملڪ مان بجلي جي کوٽ ختم ڪئي ويندي، جڏهن ته ايل اين جـِي، جي شفاف معاهدي سان گيس بحران تي به ضابطو آندو ويندو.

نواز شريف وڌيڪ چيو ته 1990۾ موٽروي تي تعمير شروع ڪيو هو ، هاڻي به 13 منصوبن تي  ڪم هلي رهيو آهي، جنهن لاءِ 9 سئو ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي آهي.

وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته پاڪ-چين راهداري منصوبي جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، ان منصوبو خطي جي ڪروڙين عوام جي زندگي تبديل ڪري ڇڏيندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*