ڪراچي مان گرفتار ڪيل سياسي جماعت جي ٽارگيٽ ڪلرز جاچ دوران 16 ڄڻن کي قتل ڪرڻ ۽ 6 وڪيلن کي جيئرو ساڙڻ جو اعتراف

trarget-killer

 ڪراچي مان گرفتار ڪيل سياسي جماعت جي ٽارگيٽ ڪلرز جاچ دوران 16 ڄڻن کي قتل ڪرڻ ۽ 6 وڪيلن کي جيئرو ساڙڻ جو اعتراف  ڪيو آهي.

ذريعن موجب سياسي جماعت جي گرفتار ڪيل ٽارگيٽ ڪلر عمران جي آءِ ٽي آڏو بيان رڪارڊ ڪرائڻ دوران اهم انڪشاف ڪيا آهن.

جي آءِ ٽي رپورٽ موجب جوابدار عمران 9 اپريل 2008 تي سٽي ڪورٽ جي 7 وڪيلن کي گاڏي ۾ جيئرو ساڙيو، جڏهن ته جوابدار سياسي ۽ مذهبي جماعت  جي 16 ڄڻن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو به اعتراف ڪيو آهي.

جوابدار جي آءِ ٽي آڏو انڪشاف ڪيو ته هن سياسي جماعت جي يونٽ انچارج جي چوڻ تي 5 لک رپيا فطري جي رقم جمع ڪئي ۽ عوام کي زبردستي جلسن ۾ موڪليو ويو.

 ذريعن موجب، جوابدار جاچ آڏو پنهنجي ساٿين جا نالا به ٻڌايا آهن، جن ۾ عمران تتلي، نسيم نجهو، اويس گپا، عاصم گنجا ۽ ڪامران ڪالا شامل آهن، جن مان اڪثر جوابدار پرڏيهه فرار ٿيل آهن………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*