عالمي عدالت ڏکڻ چيني سمنڊ تي چين جي دعوائن کي رد ڪندي فلپائن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو

chainis-sea

عالمي عدالت ڏکڻ چيني سمنڊ تي چين جي دعوائن کي رد ڪندي فلپائن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، چيني حڪومت عالمي عدالت جي اهڙي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

نيڌر لينڊ جي شهر بيگ ۾ قائم “ پرمينٽ ڪورٽ آف آربٽريشن” چين جي خلاف ۽ فلپائين جي حق ۾ فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ان ڳالهه جا ثبوت ناهن مليا، جنهن مان ثابت ٿئي ته تاريخي اعتبار جي لحاظ سان سمنڊ ۽ ان جي وسيلن تي چين جو حق آهي.

چيني حڪومت اهڙي فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته عالمي عدالت جو فيصلو غير قانوني، بي معنيٰ ۽ ڪالعدم هوندو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب عالمي عدالت جو فيصلو فوري طور تي لاڳو هوندو پر عدالت وٽ فيصلي تي عملدرامد ڪرائڻ جي طاقت ناهي، اهڙي فيصلي سان فلپائين کي فائدو ٿي سگهي ٿو ۽ تسليم نه ڪرڻ جي صورت ۾ چين جي ساک کي به نقصان پهچي سگهي ٿو.

واضح رهي ته فلپائين عالمي عدالت ۾ دعويٰ داخل ڪئي هئي ته خطي ۾ چيني سرگرميون عالمي قانون جي خلاف آهن ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ تي بيجنگ سرڪار جو ڪو به حق ناهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*