ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ مارجي ويل نوجوان ابرار جي ڪيس ۾4 اهلڪارن ۽ زخمي ٿيل دلنواز کي 14-14ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ مارجي ويل نوجوان ابرار جي ڪيس ۾4 اهلڪارن ۽ زخمي ٿيل دلنواز کي 14-14ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو  آهي.

فيروز آباد پوليس نوجوان ابرار جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل پوليس اهلڪارن ڪليم الله، راشد، نديم ، سعيد ۽ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل دلنواز کي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو.

عدالت پوليس جي درخواست تي اهلڪارن ۽ زخمي ٿيل دلنواز کي 14-14ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو  آهي.

ٻه ڏينهن اڳ سنڌي مسلم سوسائٽي واري علائقي ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ ۾ ماڙيپور واسي ابرار مارجي ويو ويو ۽ دلنواز زخمي ٿي پيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*