ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ جوابدار جي فائرنگ ۾ مسجد جو پيش امام مارجي ويو

Karachi-Traffic-police-210516

ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ جوابدار جي فائرنگ ۾ مسجد جو پيش امام مارجي ويو، مقتول جي پٽ جو چوڻ آهي ته معراج نالي جوابدار ذاتي تڪرار تان سندس پيءِ کي قتل ڪيو آهي.

گلستان جوهر پوليس جو چوڻ آهي ته بلاڪ 7 واري علائقي ۾ جوابدار مسجد جي پيش امام حبيب الرحمان جي گهر ۾ داخل ٿي کيس قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

جوابدار جي فائرنگ ۾ مارجي ويل پيش امام جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

مقتول جي پٽ جو چوڻ آهي ته معراج نالي جوابدار ذاتي تڪرار تان سندس پيءَ کي قتل ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*