في الحال شادي نه ڪئي آهي، جيڪڏهن شادي ڪئي ته اعلان ڪرڻ سان گڏوگڏ خوشي به ملهائيندس:عمران خان

imran-khan-

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ٽئين شادي وارين خبرن جي سختي سان ترديد ڪري ڇڏي، عمران خان پنهنجي وضاحتي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته في الحال شادي نه ڪئي آهي، جيڪڏهن شادي ڪئي ته هــُو اعلان ڪرڻ سان گڏوگڏ خوشي به ملهائيندو، ميڊيا ۾ افواهون هيون ته عمران خان پنهنجي روحاني گرو بشريٰ عرف پــِنڪي جي چوڻ تي لنڊن ۾ افشان نالي عورت سان شادي ڪئي آهي، جيڪا هڪ ڌيءَ جي ماءُ پڻ آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ٽئين شاديءَ وارين خبرن ۾ ڪابه صداقت نه آهي.

عمران خان چيو ته جيڪڏهن ٽئين شادي ڪئي ته ان جو اعلان ڪرڻ سان گڏوگڏ خوشي به ملهائي ويندي.

ميڊيا ۾ افواهون هيون ته پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پنهنجي روحاني گرو بشريٰ عرف پِنڪِي جي چوڻ تي پاڪ پتن واسي ناري سان لنڊن ۾ ٽئين شادي ڪئي آهي.

عمران خان 16 مئي 1995ع ۾ برطانيا واسڻ جمائمه خان سان شادي ڪئي، جيڪا 10 سال هلي، جنهن مان کيس ٻن پٽن سليمان ۽ قاسم جو اولاد آهي.

عمران خان جنوري 2015ع ۾ ريحام خان سان ٻي شادي ڪئي، جيڪا گهڻو وقت هلي نه سگهي ۽ صرف 10 مهينن اندر ٻنهي ۾ عليحدگي ٿي وئي.

ذريعن موجب عمران خان گذريل ڏينهن ڀارتي خابرو اداري کي انٽرويو دوران ٽئين شاديءَ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*