جوهي ويجهو ناري گهرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

johi-woman-sosite

جوهي ويجهو ناري گهرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي مائٽن پاران زبردستي شادي ڪرائڻ تي ناري اهڙو انتهائي قدم کنيو آهي.

 ڳوٺ پير علي شاهه ۾ نوجوان ناري صائمه چنه پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس پهچي ناري جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي کانپُوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

وارثن جو چوڻ آهي ته ناري ڪجهه به ٻڌائڻ کانسواءِ پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري گولي هڻي آپگهات ڪيو آهي.

 ذريعن جو چوڻ آهي ته وارث ناري جي  سندس مرضي کانسواءِ شادي ڪرائي رهيا هئا، جنهن تي هن اهڙو انتهائي قدم کنيو آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*