سنڌ هاءِ ڪورٽ قانون بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب کي وزير جو درجو ڏيڻ خلاف درخواست تي سنڌ سرڪار کي نوٽيس جاري ڪندي21 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو

sindh-highi-court11-8

سنڌ هاءِ ڪورٽ قانون بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب کي وزير جو درجو ڏيڻ خلاف درخواست تي سنڌ سرڪار کي نوٽيس جاري ڪندي21 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار موجب آئيني طور تي ڪنهن به صلاحڪار کي کاتي جو قلمدان نٿو ڏئي سگهجي پر مرتضيٰ وهاب 21 مئي 2015ع کان وزير بڻيل آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عرفان سعادت جي سربراهيءَ ۾ ڊويزن بئنچ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب کي قانون بابت وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪري وزير جو درجو ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موجب بئريسٽر مرتضيٰ وهاب کي 30 اپريل 2015ع تي قانون بابت وڏي وزير جو صلاحڪار بڻائڻ کانپوءِ 21 مئي 2015ع تي وزير بڻايو ويو.

درخواستگذار موجب آئين مطابق ڪنهن به صلاحڪار کي وزير نٿو مقرر ڪري سگهجي پر تنهن باوجود کيس کاتي جو قلمدان ڏنو ويو، جيڪو غير قانوني عمل آهي.

درخواستگذار موجب مرتضيٰ وهاب وزارت جو قلمدان ملڻ کانپوءِ غير قانوني طوريقي سان ڪراچي ۾ قائم لا ڪاليج جي بورڊ آف گورنرس جو چيئرمين ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي جو پرو وائيس چانسلر بڻجي ويو آهي.ڍ

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مرتضيٰ وهاب قانون وارو وزير بڻجڻ کانپوءِ جوڊيشل ڪميشن جي اجلاسن ۾ به شرڪت ڪري رهيو آهي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته مرتضيٰ وهاب جي لا ڪاليج جي بورڊ آف گورنر جي چيئرمين طور ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر طور مقرري غير قانوني قرار ڏئي کيس جوڊيشل ڪميشن جي اجلاسن ۾ شرڪت کان به روڪيو وڃي.

عدالت اهڙي درخواست تي سنڌ سرڪار ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي 21 جولاءِ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*