سـُپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن جي غير فعال هئڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ميمبرز جي مقرري جو حڪم ڏئي ڇڏيو

SupremeCourt-7-7-15

سـُپريم ڪورٽ، اليڪشن ڪميشن جي غير فعال هئڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ميمبرز جي مقرري جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن غير فعال هجي ۽ ڪم رڪيل هجي، ائين ٿيڻ نه ڏنو ويندو.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊن بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت اليڪشن ڪميشن جي غير فعال هئڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ميمبرز جي مقرري لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت رماڪس ۾ چيو ته اليڪسن ڪميشن جي غير فعاليت کي برداشت نه ڪيو ويندو، هتي رڳو حيلن وسيلن ذريعي ڪم کي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ملي ڀڳت سبب ڊگهي عرصي کان آدمشماري نه پئي ٿئي، حڪومت کي جيڪي ڪم ڪرڻ گهرجن، ان تي ڌيان ئي نٿو ڏنو وڃي.

عدالت چيو ته 2008 واري آدمشماري اڃا تائين ناهي ٿي سگهي، حڪومت کي جيڪا ڪم جلد ڪرڻ گهرجن انهن کي نظر انداز ڪري رهي آهي.

سپريم ڪورٽ ، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي مقرري جو حڪم ڏئي ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي متوي ڪري ڇڏي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*