سکر جي ايوب گيٽ واري علائقي ۾ سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف رهواسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو

Sukkur-protest-wapda-13716

سکر  جي ايوب گيٽ واري علائقي ۾ سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف رهواسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ايوب گيٽ جي رهواسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت ريلي ڪڍي مين روڊ تي ڌرڻو هڻي سيپڪو اختيارين خلاف سخت نعريباز ي ڪئي.

مظاهرين چيو ته گذريل 8 ڏينهن کان ايوب گيٽ واري علائقي جو سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري ڪيتران ئي پاڙن جي بجلي بند آهي.

هنن چيو ته بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود سيپڪو اختيارين ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي، بجلي نه هئڻ ڪري هو  سخت گرمي ۾ غذاب ڀوڳي رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سڙي ويل ٽرانسفارمر فوري طور تبديل ڪري بجلي بحال ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*