پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ ايڌي هوم پهچي عبدالستار ايڌي جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد يتيم ٻارڙن سان ملاقات ڪئي

Bilawal-Edhi-Home-13716

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ ايڌي هوم پهچي عبدالستار ايڌي جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد يتيم ٻارڙن سان ملاقات ڪئي.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪلفٽن واري علائقي ۾ ايڌي هوم سينٽر پهچي فيصل ايڌي سان سندس والد عبدالستار ايڌي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.

بلاول ڀٽو زرداري عبدالستار ايڌي جي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ايڌي هوم ۾ موجود يتيم ٻارڙن سان ملاقات ڪئي.

فيصل ايڌي بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ايڌي صاحب جي وفات کي پاڪستان لاءِ تمام وڏو نقصان قرار ڏنو.

هن چيو ته ڀٽو خاندان جو هن سينٽر سان وڏو واسطو آهي، شهيد بينظير ڀٽو به اڪثر ڪري سينٽر تي ايندي هئي، جڏهن ته سنڌ حڪومت هميشه ايڌي سينٽر جو ساٿ ڏنو آهي.

فيصل ايڌي چيو ته ملاقات دوران يتيم ٻارڙن بلاول ڀٽو کي سڃاتو ۽ کيس شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ چيو.

بلاول ڀٽو زرداري جي ايڌي هوم ڪلفٽن آمد کان اڳ ڀرپاسي وارن علائقن جي صفائي ڪرائي وئي ۽ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*