سنڌ سرڪار هلندڙ سال جاري ترقياتي اسڪيمن لاءِ سئو سيڪڙو فنڊز جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Qaim-Ali-Shah-13716

سنڌ سرڪار هلندڙ سال جاري ترقياتي اسڪيمن لاءِ سئو سيڪڙو فنڊز جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وڏي وزير قائم علي شاهه ترقياتي اسڪيمن جي نگراني لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته اسڪيمن ۾ دير جي صورت ۾ لاڳاپيل کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ ناڻي، ترقي ۽ منصوبابندي بابت کاتن جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هلندڙ سال جي جاري ترقياتي اسڪيمن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

 اجلاس دوران مراد علي شاهه آگاهي ڏيندي چيو ته 577 ترقياتي اسڪيمون هلندڙ آهن، جن لاءِ ناڻي کاتي طرفان 28 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن ۽ ٻئي مرحلي ۾ 996 نين اسڪيمن لاءِ 81 ارب رپيا جاري ڪيا ويندا.

ان موقعي تي وڏي وزير ترقياتي اسڪيمن جي نگراني لاءِ هڪ ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته وقت سر اسڪيمون مڪمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*