حيدرآباد ۾ نيب ڪراچي جي ٽيم ڪارروائي ڪري او جي ڊي سي ايل ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد اسٽور انچارج حسين بخش ناريجو کي گرفتار ڪري ورتو

NAB-13716

حيدرآباد ۾ نيب ڪراچي جي ٽيم ڪارروائي ڪري او جي ڊي سي ايل ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد اسٽور انچارج حسين بخش ناريجو کي گرفتار ڪري ورتو، نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار حسين بخش ناريجو مٿان 19 ڪروڙ رپين جي گهوٻين جو الزام آهي.

نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته نيب ڪراچي جي ٽيم حيدرآباد ۾ ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران او جي ڊي سي ايل جو اسٽور انچارج حسين بخش ناريجو کي گرفتار ڪيو ويو.

نيب موجب گرفتار حسين بخش ناريجو او جي ڊي سي ايل ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد آهي ۽ مٿس 19 ڪروڙ رپين جي گهوٻين جو الزام آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*