ڊگهڙي ۾ سنڌي مزدور تحريڪ پاران مزدورن کي سرڪار پاران اعلانيل پگهار ڏيارڻ ۽ مزدورن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي مظاهرو

Digri-Protest-13716

ڊگهڙي ۾ سنڌي مزدور تحريڪ پاران مزدورن کي سرڪار پاران اعلانيل پگهار ڏيارڻ ۽ مزدورن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

سنڌي مزدور تحريڪ پاران پورهيتن جي حقن جي حاصلات لاءِ عارف جوڻيجو، نور محمد خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿر ڪميشن جي رپورٽ تي عمل ڪري پورهيتن کي جائز حق ڏنا وڃن، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي اڪثر ڪارخانن ۾ مزدورن کي جائز مراعتون نه ٿيون ڏنيون وڃن.

هنن مطالبو ڪيو ته پورهيتن کي سرڪار پاران اعلانيل پگهار  ڏئي ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*