سنڌ ۾ سمورا بچاءُ بند مِضبوط آهن، حساس هنڌن تي تيزي سان پنچنگ وارو ڪم جاري آهي,سيڪريٽري آبپاشي ظهير حيدر شاهه

Anpashi-13716

سيڪريٽري آبپاشي ظهير حيدر شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ سمورا بچاءُ بند مِضبوط آهن، حساس هنڌن تي تيزي سان پنچنگ وارو ڪم جاري آهي.

سيڪريٽري آبپاشي ظهير حيدر شاهه گڊو بئراج جو دورو ڪري بندن جي صورتحال جو جائزو ورتو.

ميڊيا سان ڳالهائندي سيڪريٽري آبپاشي جو چوڻ  هو  ته سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام مڪمل آهن، حساس بندن تي تيزي سان مضبوطي وارو ڪم جاري آهي.

ان کان اڳ ڪنڌڪوٽ ۾ سيڪريٽري آبپاشي ظهير حيدر شاهه،  ڊي سي ڪشمور ڊاڪٽر حفيظ سيال، ڪرنل ياسر عدنان پاران،  ڳڙهي تيغو کان اولڊ ٽوڙي بند، ڪي ڪي بند، گهوڙا گهٽ ۽ ٽوڙي ڪامپليڪسس جو معائنو ڪيو ويو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*