ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس والاريل ڪشمير ۾ شهرين تي ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪندي عالمي برادري کان گڏيل قومن جي قراردادن تحت مسئلي جو حل ڪڍڻ جو مطالبو

Raheel-Sharif-Corps-Commanders-13716

ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس والاريل ڪشمير ۾ شهرين تي ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪندي عالمي برادري کان گڏيل قومن جي قراردادن تحت مسئلي جو حل ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو آهي، آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته خطي ۾ جٽادار امن جي قيام لاءِ ڪشمير تڪرار جو حل ضروري آهي.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪورڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي آهي، جنهن ۾ ملڪي سلامتي، افغانستان جي صورتحال تي غور سميت پاڪ – افغان سرحد تي بارڊر مينيجمينٽ جي حوالي سان کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ شريڪ ڪورڪمانڊرز والاريل ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين جي قتل توڙي تشدد وارن واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.

آرمي چيف والاريل ڪشمير ۾ عام ماڻهن جي مارجڻ وارن واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته دنيا کي ڪشميرين جي خواهشن جو احترام ڪرڻ گهرجي.

آرمي چيف راحيل شريف جو چوڻ هو ته عالمي برادري کي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مدد ڪرڻ گهرجي ۽ ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد کي عالمي ڌيان جي ضرورت آهي.

آرمي چيف جو وڌيڪ چوڻ هو ته خطي ۾ پائدار امن لاءِ ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ ضروري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*