ڊي آءِ جي اولهه عبدالستار ايڌي جي ڏوهٽي احمد تي تشدد ڪندڙ سرسيد ٿاڻي جي 4اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو

ahmad-edhi

ڊي آءِ جي اولهه عبدالستار ايڌي جي ڏوهٽي احمد تي تشدد ڪندڙ سرسيد ٿاڻي جي 4اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، فيصل ايڌي جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او جي معافي وٺڻ تي معاملو ختم ڪري ڇڏيو آهي .

نارٿ ڪراچي واري علائقي ۾ سرسيد ٿاڻي جي پوليس عبدالستار ايڌي جي ڏوهٽي احمد کي پڪڙي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن کان پوءِ سندس وارثن جي احتجاج تي ڊي آءِ جي اولهه سخت نوٽس وٺندي ملوث اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو.

عبدالستار ايڌي جي پٽ  فيصل ايڌي جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او جي معافي وٺڻ بعد هنن کيس معاف ڪندي معاملو ختم ڪري ڇڏيو آهي .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*