ڀرياسٽي ويجهو فصل مان هڪ نوجوان جو هٿ پير ٻڌل لاش هٿ ڪيو ويو

bhiriacity map

ڀرياسٽي ويجهو فصل مان هڪ نوجوان جو هٿ پير ٻڌل لاش هٿ ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول جي کيسي مان نڪاح نامو مليو آهي، جنهن ۾ سندس نالو مظهر راڄپر ۽ گهرواري جو نالو انيتا ڪيريو لکيل آهي.

ڳوٺ لالڻ ڪيريو مان هڪ نوجوان جو فصل مان هٿ ۽ پير ٻڌل لاش هٿ اچڻ بعد علائقي واسين ٿاڻي تي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي کيسي مان نڪاح نامو هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سندس نالو مظهر راڄپر ۽ سندس گهرواري جو نالو انيتا ڪيريو لکيل آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*